سيد علي سرمست

سيد علي سرمست: هي بزرگ قلندر شهباز جو دوست ۽ سيد جلال بخاريءَ جو فرزند هو. هن بزرگ جا ڪيترائي مريد هئا، جن مان شيرالاولياء خواجه باقي قابل ذڪر آهي. روايتن موجب قلندر لعل شهباز جو جهنڊو (گج گاهه) عصا ۽ گلو بند هن پاڻ سان گڏ آندا هئا. هي قلندر لعل شهباز جو خليفه اول ۽ خدمتگار پڻ هو. جڏهن قلندر شهباز وفات ڪئي ته سيد علي سرمست، سيد صلاح الدين لڪياري ۽ شيخ علي بغداديءَ سان گڏجي لعل شهباز جي غسل، جنازي نماز، مرقد جي جاءِ ۽ تدفين جو ڪم سرانجام ڏنو. پاڻ مزار جو پهريون خدمتگار هو. لعل شهباز جي وفات بعد فقير سندس بيعت ڪندا هئا ۽ کيس لعل شهباز جو وزير چوندا هئا. هن بزرگ جي مزار درگاهه اندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران، اوڀر واري دروازي جي اوڀر- اتر ۾ هڪ ننڍي گنبذ ۾ آهي. قلندر لعل شهباز جي روضي جي تياريءَ کانپوءِ 758هه/ 1357ع ۾ ملڪ اختيارالدين هن بزرگ جو مقبرو جوڙايو.
جيڪي به زيارتي لعل شهباز جي درٻار ۾ اچن ٿا، اُهي هن بزرگ جي به حاضري ڀرين ٿا. هن وقت سندس پراڻو مقبرو ڊاهي نئون تيار ڪيو ويو آهي. سيد علي سرمست تي، نوجوان محقق ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هڪ تفصيلي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس خاندان به هن بزرگ سان نسبت رکي ٿو.


لفظ سيد علي سرمستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو